اسرا يونيورسٽي

اسرا يونيورسٽي: ’اسرا اسلامڪ فائونڊيشن‘ حيدرآباد شهر ۾ هڪ نئين يونيورسٽي قائم ڪئي آهي، جيڪا شهر کان ٻاهر، هالا روڊ تي، ساڍن ستن ايڪڙن ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هيءَ هڪ خومختيار ۽ آزاد يونيورسٽي آهي، جيڪا پرائيويٽ سيڪٽر ۾، سنڌ اسيمبلي جي منظوريءَ سان ڪم ڪري رهي آهي. شروعات ۾ هن يونيورسٽيءَ ۾ طب جو شعبو قائم ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ايم. بي. بي. ايس لاءِ 1997ع ۾ داخلائون شروع ٿيون. هن شعبي جي هڪ شاخ طور اکين جي علاج جو ادارو ڪم شروع ڪري چڪو آهي، ٻي شاخ طور 72 بسترن واري هڪ ٽن منزلن واري يونيورسٽي اسپتال به کلي چڪي آهي، جنهن ۾ هر طرح جون سهوليتون موجود آهن. وقت سان گڏ ٻين علمن ۽ فنن جا شعبا قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ ڏندسازي، انتظاميه، ڪمپيوٽر سائنس، بزنس ائڊمنسٽريشن وغيره شامل آهن. جڏهن ته اسلاميات، انجنيئرنگ، ٽيڪنالاجي، سماجي ۽ معاشرتي علمن وغيره جا شعبا به موجود آهن. هن يونيورسٽيءَ جو پهريون وائيس چانسلر ڊاڪٽر اسدالله قاضي آهي. يونيورسٽيءَ جي ملڪيت ۽ انتظام جو اختيار ”اسرا اسلامڪ فائونڊيشن“ وٽ آهي. خود فائونڊيشن جو پنهنجو انتظام هڪ 9 ميمبرن جي مجلس جي هٿ ۾ آهي.


لفظ اسرا يونيورسٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو